گڏيل قومون-14 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش دبئي ۾ ٿيل ماحولياتي ڪانفرنس ڪوپ -28 جي نتيجن جي محتاط انداز ۾ آجيان ڪئي آهي. ڪوپ – 28 جي موقعي تي تقريبن 200 ملڪن فوسيل فيول کان ٻارڻ جي ٻين ذريعن طرف منتقلي جي روڊ ميپ جي منظوري ڏني آهي. سيڪريٽري جنرل پنهنجي رد عمل ۾ ??يو ته ماحولياتي تبديلين جي ڏس ۾ دنيا جي مڃيل حصيدا??ن جو تذڪرو ڪيترن ئي سالن کانپوءِ آيو آهي، هن ??يو ته فوسل فيول ??و دور هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي آجيان ا??صاف ۽ برابري سان ٿيڻ گهرجي، هن ??يو ته فوسل فيول ??ي استعمال کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي ??يو ته فوسل فيول فيز آٽ اڻٽر آهي چاهي اهو ان کي پسند ڪن يا نه ڪن، ۽ اسان کي اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ دير نه لڳندي. سيڪريٽري جنرل ??يو ته عالمي گرمي پد ۾ سراسري اضافي کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ، جيڪو 2015ع جي پيرس جي معاهدي ۾ طئي ٿيل هدفن مان هڪ آهي، فوسل فيول ??ي مرحليوار خاتمي کانسواءِ ناممڪن هوندو ۽ ان حقيقت کي تسليم ڪندڙ ملڪن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪوپ -28 جي موقعي تي 2030ع تائين قابل تجديد ذريعن جي صلاحيت کي ٽيڻو ڪرڻ ۽ توانائي جي ڪارڪردگي کي ٻيڻو ڪرڻ جي واعدن تي به اتفاق ڪيو ويو ۽ ماحولياتي تحفظ جي قدمن کي اختيار ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ فنڊن جي فرا??مي جي حوالي سان اڳڀرائي به ٿي تنهن هوندي به فنڊن جي فرا??مي جا واعدا ناڪافي آهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڪوپ – 28 جي نتيجن جي آجيان
مضمون کا ماخذ : números quina hoje