اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي)صدر ??مل??ت آصف علي زرداري چيو آهي، ته هيپاٽائيٽس عالمي سطح تي وڏو چئلينج آهي، هيپاٽائيٽس کان بچڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي جاري پيغام ۾ چيو ته هيپاٽائيٽس هڪ خاموش قاتل آهي ڇاڪاڻ ته ان بيماري جون نشانيون ظاهر نه ٿيڻ س??ن ان جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، هيپاٽائيٽس سبب عالمي سطح تي وڏي پئماني تي فوتگيون ٿي رهيون آهن. صدر ??مل??ت چيو ته هيپاٽائيٽس س??ن اسان جي ملڪ ۾ صحت کي شديد خطرا لاحق آهن، پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي تعداد ۾ اضافي س??ن اسان جي صحت جي نظام تي بار پوي ٿو، صحت جي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع پئماني تي اسڪريننگ ۽ وقت تي سڃ??ڻپ جي ضرورت آهي. صدر ??مل??ت چيو ته سڄي ملڪ ۾ احتياطي اپائن کي هٿي وٺرائي، اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جون سهولتون وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ ان حوالي سان علاج جي اهميت جي باري ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻي پوندي، ان بيماري کان بچاءَ ۽ خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر ??مل??ت چيو ته ميڊيا، تعليمي ادارن، استادن ۽ سول سوسائٽي ذريعي هيپاٽائيٽس جي باري ۾ عوام کي ڄاڻ ڏيڻي پوندي، ا??و ته گڏجي ملڪ کي هيپاٽائيٽس کان پاڪ بڻايون.
هيپاٽائيٽس عالمي سطح تي وڏو چئلينج آهي، هيپاٽائيٽس کان بچڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي: صدر مملڪت آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ریل رش