اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ”اوڀر يروشلم سميت والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جي پاليسين ۽ طرز ??مل سان پيدا ٿيندڙ قانوني نتيجن“ تي انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يان ۾ چيو ويو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت جو فيصلو واضح طور تي ثابت ڪري ٿو ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل جون غيرقانوني پاليسيون ۽ طرز ??مل فلسطيني عوام جي خودمختياري ??ي حق جو احترام ڪرڻ جي ذميواري ??ي خلاف ورزي آهن ۽ اهو ته اسرائيل جي اها ذميواري ??هي ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي کي ختم، غيرقانوني آبادڪاري ??ون سرگرميون بند ۽ ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪري. پاڪستان جولاءِ 2023ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت ۾ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي هئي ۽ بعد ۾ عدالت ۾ جواب به ڏنو هو. پاڪستان فيبروري 2024ع ۾ انصاف جي عالمي عدالت پاران ڪيس تي ٿيندڙ زباني عوامي ٻڌڻي ۾ پڻ حصو ورتو هو. پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطينين جي خودمختياري ??ي حق جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسرائيل جي غيرقانوني حيثيت کي اجاگر ڪيو. بيان موجب پاڪستان عدالت جي مشاورتي راءِ تي فوري ۽ مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو. اسان اميد ڪريون ٿا ته عدالت جي اها رولنگ اسرائيلي قبضي جي خاتمي، فلسطينين جي نه کسجڻ جوڳي خودمختياري ??ي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ فلسطين جي هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار ري??ست قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم هوندو جيڪو 1967ع جي سرحدن موجب ۽ ان جي گادي وارو ش??ر القدس الشريف هجي.
پاڪستان پاران انصاف جي عالمي عدالت جي مشاورتي راءِ جي آجيان
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado