اسلام آباد – 17 – مئي (ا?? پي پي) ??زي??اع??م محمد شهباز شريف موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ ص??ت جي مسلئن جي خاتمي لاءِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ ٻارن جي بهترين واڌويجهه ضروري آهي، حڪومت ٻارن جي بهترين واڌويجهه جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، صوبائي حڪومتن کي پروگرام جي حوالي سان مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، موذي مرضن جي خاتمي ۽ انهن جي ڦهلاءُ کي روڪن جي لاءِ جامع پلان جوڙڻ ۽ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي لاءِ پڻ هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. ??زي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??زي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي ماهرن جو ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ??زي??اع??م اجلاس ۾ شريڪ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ ??زي??اع??م کي عالمي بئنڪ پاران پاڪستان ۾ ٻارن جي واڌويجهه جي حوالي سان انگن اکرن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي هڪ وڏي انگ کي واڌويجهه جي گهٽتائي جو خطرو آهي. سببن تي روشني وجهندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بنيادي ص??ت جي ناڪافي سهولتن، ضروري غذائي جزن جي کوٽ، آلوده پاڻي جو استعمال، ناڪافي صفائي سٿرائي ۽ واڌويجهه جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي جا وڏا سبب آهن. اجلاس کي انهن سببن جي خاتمي لاءِ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ذيابيطس ۽ ٻين موذي بيمارين جي حوالي سان پڻ پاڪستان جا انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ انهن کي روڪڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. ??زي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قومي سطح تي ان حوالي سان هڪ جامع منصوبو ٺاه?? پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن احسن اقبال، احد خان چيما، ??زي??اع??م جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهسن ، يونيسيف ۾ پاڪستان جي نمائندي عبدا??له فاضل، عالمي غذائي پروگرام جي پاڪستان ۾ نمائندي ڪوڪو اوشييامه ۽ ٻين عالمي شهرت رکندڙ ماهرن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽا، ڊاڪٽر ساجد صوفي، ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ لاڳاپيل شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀلائي ۽ صحت جي مسلئن جي خاتمي لاءِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada