اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ ??ي پاڪستان جي عزم ??و ورجاءُ ڪندي اتي قابض ڀارتي فوج پاران انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن جي ??ذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته عالمي برادري ڀارت تي انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي ??اءِ دٻاءُ وجهي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي ??جموعي صورتحال، ترقي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سياحت جا بي پن??هه موقعا موجود آهن، سياحن کي راغب ڪرڻ جي ??اءِ آزاد ڪشمير جي سياحت جي شعبي کي ڀرپور صلاحيت تائين ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سياحت سان سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ معاشي سرگرمين جي ??روغ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پاڪستان آزاد ڪشمير جي ??عيشت جي ??ختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ??اءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو. آصف علي زرداري چيو ته آزاد ڪشمير جي ??وجوانن کي جديد ترين هنر ۽ تعليم سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنرمند نوجوان آزاد ڪشمير جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪستان ڪاربن ڪريڊٽ مارڪيٽ مان فائدو کڻڻ ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي ??دد ڪري سگهي ٿو. صدر آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم ۽ سندس حڪومت کي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو. آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم ان موقعي تي صدر کي آزاد ڪشمير جو دورو ڪرڻ ۽ قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني. صدر آزاد ڪشمير جي ??ختلف علائقن ۾ تازين برساتن سان لاڳاپيل واقعن دوران قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت متاثر خاندانن جي ??دد ڪندي.
صدر پاران ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز