اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري چيو ??هي ته آسٽريلوي ڪمپنيون پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن، زراعت، زرعي اوزارن ۽ ٻين اوزارن جي تياري ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف عل?? زرداري پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ڳالهائي رهيو هو جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. صدر چيو ??ه پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپ?? آهن. آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر صدر کي پاڪستان – آسٽريليا لاڳاپن جي موجوده سطح بابت آگاهه ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا تعليم، دفاع ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون ڪري رهي?? آهن.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ