اسلام آباد – 10اپريل (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان سڀني کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آئين پاڪستان جي گول??ن جوبلي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين پاڪستان جي گول??ن جوبلي (50 هين سالگرهه) جي موقعي تي ديس واسين کي مبارڪون ڏيان ٿي، پنهنجي عظيم قائد ۽ آئ??ن جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي جنهن ان تاريخي دستاويز کي تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان ڏکئي ۽ ڊگهي سفر ۾ اسان گهڻو ڪجهه حاصل ??يو ۽ وڃايو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ??ار??نن ۽ سمورن جمهوريت پسند ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿي جن آئين ۽ جمهوريت جي ان سفر ۾ پنهنجي جان??ن جو نذرانو پيش ڪيو، آئون آصف علي زرداداري ۽ اتحادي حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن 2010ع ۾ 18 هين ترميم پاس ڪري 73 ع جي آئين کي بحال ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان جي قوم لاءِ آئين هڪ جمهوري، منصفاڻو ۽ برابر معاشري جي رهنما اص??لن جو ڪم ڪري ٿو، آئين وفاق جي سمورين ڌرين ۽ شهرين وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو آهي. هن چيو ته هي شهيد ڀٽو جو آئين ئي آهي جيڪو اسان کي پاڻ ۾ مضبوطي سان جوڙي رکي ٿو ۽ وکرڻ نٿو ڏي. اچو پنهنجي آئين ۾ داخل قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ عزم ڪريون ۽ آئ??ن جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستانين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال ۽ برابري معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.
پاڪستان جي آئين جي پاسداري ڪندي هڪ پرامن ۽ خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا