اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پشاور حملي کانپوءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، ا??و حملو پاڪستان تي حملي کان گهٽ نه آهي، دهشتگردي اسان جي قومي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، پاڪستاني قوم جي عزم کي اهڙ?? بزدلاڻي ڪاررواين سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هينئر پشاور کان واپس ??يو آهيان، ا??ساني الميي جو ڪاٿو ناقابل تصور آهي، ا??و پاڪستان تي حملي کان گهٽ نه آهي، قوم ڏک جي احساس ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دهشتگردي اسان جي قومي سلامتي جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي درد کي لفظن ۾ ٻڌائي نٿو سگهجي پر آئون دلي تعزيت ۽ انتهائي اخلاص سان انهن سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ جي ان ڪڌي واقعي جي ذميوارن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي ته توهان پاڪستان جي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو.
پشاور حملي کانپوءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، اهو حملو پاڪستان تي حملي کان گهٽ نه آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر