اسلام آباد – 02 8211; سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڪالعدم تنظيم پاران ملڪ ۾ ٻوڏ ب??بت امدادي ڪمن ب??بت هڪ ڀارتي خابرو اداري پاران پنهنجي خبر ۾ هنيل الزامن کي رد ڪندي چيو آه?? ته اهو رڳو پاڪستان جي خلاف ڀارتي تعصب ۽ عالمي سطح تي ماڻهن کي گم??اه?? ڪرڻ جي ڀارت جي مسلسل ڪوششن جو حصو آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ڀارتي ميڊيا سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بي بنياد ۽ ههٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو مظاهرو ڪيو آه??. ترجمان چيو ته اها بدقسمتي آه?? ته عالمي برادري هڪ غيرمعمولي قدرتي آفت جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهي آه?? جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جا ڪجهه عنصر امدادي سرگرمين تي شڪ ۽ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آه??. ترجمان چيو ته پ??ڪستان غيرمنافعو ڏيندڙ ۽ غيرسرڪاري تنظيمن پاران ٻوڏ ب??بت امدادي سرگرمين جي نگراني جي لاءِ مضبوط، ريگيوليٽري ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙيو آه??. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پ??ڪستان ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چوڪس آه?? ته امدادي سرگرمين جي آڙ ۾ ڪا غيرقانوني سرگرمي نه ٿئي.
پاڪستان پاران ٻوڏ امدادي ڪمن بابت ڀارتي خابرو اداري جي خبر ۾ هنيل الزام رد
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان