حيدر??با?? – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر حيدر??با?? ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي سلسلي ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر حيدر??با?? فواد غفار سومرو ۽ ايڊيشنل ڪمشنر ون حيدر??با?? فرخ شهزاد جي قيادت ۾ شهباز بلڊنگ حيدر??با?? کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو جيڪا ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس تي پ??اڻ?? تي پهتي. واڪ جي پ??اڻ?? تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر حيدر??با?? فواد غفار سومرو چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري مسلمانن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي جڏهن ته ڀارت پنهنجي طاقت ذريعي ڪشميري ڀائرن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪري، دنيا ۾ ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي ته هو هڪ ظالم ۽ جابر ملڪ آهي جيڪو بيگناهه ڪشميري ڀائرن تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستن جو هر شخص آخري دم تائين ڀارت جي اهڙي نا??وا سلوڪ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. ڊپٽي ڪمشنر حيدر??با?? فواد غفار سومرو وڌيڪ چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين کي ڀارت جي ظلمن مان ڇ??ٽڪارو ملندو، اسان بحيثيت پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. واڪ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدر??با?? قائم اڪبر نمائي، اسسٽنٽ ڪمشنر هيڊڪوارٽر ڪمشنر آفيس سجاد کهڙو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محبوب الزمان، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رضا محمد ميمڻ، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن کانسواءِ سماجي تنظيمن ڀائي خان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد ياسين آرائين، يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي باني ۽ جنرل سيڪريٽري سيد فهيم الدين شاهه، مرڪزي صدر لالا علي بخش پٺاڻ کانسواءِ ٻين سماجي تنظيمن جي عهديدارن، مختلف اسڪولن جي شاگردن، اسڪائوٽس، استادن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
سڄي ملڪ وانگر حيدرآباد ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي سلسلي ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : کڑک