اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي ي??ين?? بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪندي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي لاءِ سخت حفاظتي قدمن جي هدايت ??ئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کي سيڪيورٽي ٿريٽ جي اطلاع تي گهرو وزارت کي فوري ۽ مو??ر قدم کڻڻ جي سخت هدايت جاري ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد ي??ين?? بڻائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي حڪمن تي گهرو وزارت فوري طور تي حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ چئني صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي هوم سيڪريٽرين کي هنگامي خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ عمران خان جي لاءِ سخت حفاظتي قدم ي??ين?? بڻائڻ جي هدايت ??ئي وئي آهي. گهرو وزارت آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي هنگامي خط ۾ گهرو وزارت چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عمران خان جتي به وڃي ان جي سخت سيڪيورٽي کي ي??ين?? بڻايو وڃي. گهرو وزار?? عمران خان جي بني گالا رهائشگاهه تي بم ناڪاره بڻائڻ سمي?? ٻين ضروري سيڪيورٽي قدمن ي??ين?? بڻائڻ جي پڻ هدايت ??ئي آهي. گهرو وزارت هدايت ??ئي آهي ته عمران خان جي جلسن، جلوسن ۽ عوامي سرگرمين جي دوران سيڪيورٽي بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ??ئي ويندي.
وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ