اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ??ه حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي ??هي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوان?? کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وز??راعظم چيو ته وڏن شهرن ۾ آءِ ٽي سان واڳيل ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي زون ٺهي ??هيا اهن، ان مقصد جي لاءِ حڪومت اين او سي ها??ل ڪرڻ بدران تعليمي نظام متعارف ڪرايو آهي. هن چيو ته نوجوان آبادي جو 68 سيڪڙو آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ کپت جي وڏي گنجائش آهي، ان جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو رستو هموار ٿيندو. ان کان اڳ بورڊ آف گورنرز اسلام آباد ۾ مختلف ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن ڪلسٽرز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني جن جو مقصد ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي فروغ لاءِ موجوده بنيادي ڍانچي کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وز??راعظم لاڳاپيل عملدار?? کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي دوست ماحولياتي نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن جن ۾ رجسٽرڊ ٽيڪ اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، پاڪستان ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس فنڊ قائم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي جوائنٽ وينچرز فنڊنگ سميت قدم شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وز??ر شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، توانائي واري وفاقي وز??ر حماد اظهر، صنعت واري وفاقي وز??ر مخدوم خسرو بختيار، وز??راعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وز??راعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر ها??مي، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت