راولپنڊي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ??يف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان جاپان جي سفير وادا مٽسو هيرو جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي، افغانستان جي موجوده صورتحال خاص طور تي انساني امداد ۾ سهڪار/شراڪتداري تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي ??يف چيو ته ??اڪ??تان جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي جاپان جي ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اسان پنهنجن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. آرمي ??يف انساني بحران کي روڪڻ لاءِ افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ فوري طور تي هڪ اداره جاتي طريقيڪار واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آرمي ??يف افغانستان ۾ امن ۽ مفاهمت جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. آرمي ??يف ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڪشمير تڪرار جو پُرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام لاءِ ضروري آهي ۽ ??اڪ??تان علائقائي امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ سمورن پاڙيسرين سان گڏ خوشگوار ناتا چاهي ٿو. جاپاني سفير افغان صورتحال تي ??اڪ??تان جي ڪردار ۽ علائقائي استحڪام لاءِ خاص ڪوششن کي ساراهيو ۽ ??اڪ??تان سان هر سطح تي سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه سان جاپان جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات