لاهور – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارن تي حڪومت مخال?? ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني، مخال?? ڌر پارٽين کي هڪ ٻئي جي راءِ جي خبر نه آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ قيادت جو جهيڙو آهي، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، مخال?? ڌر پاران ڪنهن به معاملي تي سنجيده تجويزون سامهون نه اچي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي اها ڪوشش رهي آهي ته حڪومت کي مخال?? ڌر سان رابطو بڻائڻ گهرجي ۽ ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان مخال?? ڌر کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ نالا ڏيو پر ٽي مهينا ٿي ويا آهن مخال?? ڌر پاران ڪو نالو اسپيڪر کي ناهي مليو، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ نالا ڏين پر اڃا تائين مخال?? ڌر کي سمجهه نه اچي رهي آهي ۽ اهڙي طرح باقي ڪنهن مسئلي تي به مخال?? ڌر جي ڪي راءِ نه آهي. هن چيو ته شهباز شريف، بلاول، مريم بي بي، فضل الرحمان هتان هُتان جو مربو ٺهي ويو آهي، هڪ جي راءِ ۽ ٻئي ۽ ٽئين جي راءِ ڪهڙي آهي ڪجهه خبر نه آهي. هن چيو ته پارٽين جي اندر ويڙهه جاري آهي، مسلم ليگ (ن) ۾ ٽاس ٿي رهي آهي ته قيادت ڪير ڪندو، هڪ هفتو قيادت شهباز شريف، اڳيون هفتو مريم بي بي ۽ پوءِ ٽاس ٿئي ٿي ته شاهد خاقان عباسي ڪري پوءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نواز شريف قيادت ڪندو، حقيقت ۾ مسلم ليگ (ن) جي اندر ويڙهه، جهيڙو ۽ فساد جاري آهي، جڏهن اهو طئي ٿيندو ته اهي اڳتي وڌندا. اطلاعات واري وزير چيو ته پي ڊي ايم جو اتحاد اڳ ۾ ئي ٽ??را ٽڪرا ٿي چڪو آهي، مخال?? ڌر پاران ڪا سنجيده ڳالهه سامهون نه اچي رهي آهي، چونڊ سڌارا، ڪا قانونسازي هجي مخال?? ڌر پاران سنجيده ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي پر اسان انتظار ڪنداسين.
چونڊ سڌارن تي حڪومت مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني، مخالف ڌر پارٽين کي هڪ ٻئي جي راءِ جي خبر نه آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں