وزيراعظم جي خصوصي جهاز مان – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ??وم کيس 5 سالن جي مدي لاءِ مينڊيٽ ڏنو آهي، قوم کي ??ون تي اعتبار آهي ۽ قوم ترقي وارين پاليسين تي پڪو يقين رکي ??ي. هن اهڙن خيالن جو اظهار تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران پاڻ سان گڏ موجود صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس پارٽي کي ??وٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندي ڇو ته اها سندس ڪارڪردگي ۽ ان جي زندگين ۾ نمايان تبديلي آڻڻ جي صلاحيت کان چڱي ريت آگاهه آهي. جي آءِ ٽي پاران سندس خاندان جي ميمبرن کان جاري پڇاڳاڇا بابت سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي ڇو ته اسان جا هٿ صاف آهن. وزيراعظم پڇيو ته ??نهنجي خلاف ڪهڙا الزام آهن؟ ڇا مون قومي ناڻي کي ??ٽيو آهي؟ ڇا مون ڪا ڪرپشن يا ڪو ڪ?? بيڪ حاصل ڪيو آهي؟ نواز شريف چيو ته ان شخص جو احتساب ڪيو پيو وڃي جنهن هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو.
قوم اسان کي 5 سالن جو مينڊيٽ ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون