اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف فلم انڊسٽري جي بحالي ۽ فنڪارن جي مالي معاملن ۾ بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ پرائم منسٽر آرٽسٽ ويلفيئر فنڊ قائم ڪرڻ جو اعل??ن ڪيو آهي، اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وزارت پاران موڪليل تجويزن کي نظر ۾ رکندي فلم کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ جو پڻ اعل??ن ڪريان ٿو. وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته فن ۽ فنڪار پاڪستاني معاشري ۽ ان سان واڳيل روايتن جا اهي امين آهن جن عالمي افق تي هن پاڪ سرزمين جي تشخص، ثقافت، ورثي ۽ ادب کي زندهه ۽ باضمير ق??من جي صف ۾ آڻي بيهاريو. هن چيو ته هن فلمي صنعت جي بحالي کي يقيني بڻائڻ اسان جي اولين فرضن ۾ شامل هو ۽ آئون انتهائي خوشي سان هن صنعت سان واڳيل ف??ڪارن ۽ هنرمندن جي لاءِ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ۽ خصوصي پئڪيج جو اعل??ن ڪري رهيو آهيان.
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل