گڏيل قومون-07 جون (اي پي پي) چين وڌ??ڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو آهي. چائنا ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪونگ يورپي يونين جي سياسي ۽ سلامتي ڪميٽي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غي?? رسمي اجلاس ??ي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن کي اهو وهم نه هجڻ گهرجي ته هو ميدان جنگ ۾ بالادستي حاصل ڪري ٻئي ڌر کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو. اهڙي سوچ صرف محاذ آرائي کي وڌ??ڪ وڌائي سگهي ٿي ۽ جنگ کي ڊيگهه ڏئي سگهي ٿي. هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ سمورن ملڪن جي جائز سيڪيورٽي خدشن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي ۽ متوازن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. هن هڪ متوازن، موثر ۽ پائيدار يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريندي چيو ته دنيا کي اڄ وڏا چئلينج ۽ سلامتي جي سنگين صورتحال درپيش آهي. تڪرارن جي خاتمي، امن جي بحالي ۽ مختلف خطرن کي موثر طريقي سان منهن لاءِ ??سان کي تڪرارن جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻ گهرجي، گڏيل طور تي امن ۽ استحڪام کي ??ڳت?? وڌائڻ گهرجي ۽ حقيقي معنيٰ ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ گهرجي.
چين پاران وڌيڪ موثر يورپي سيڪيورٽي نظام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن