ٽوڪيو -04 اپريل (اي پي پي ) جاپان جي خصوصي ايلچي يميورا تسوڪسا چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن ، غزه تڪرار گهٽائڻ ۽ انساني امداد فراهم ڪرڻ جون سعودي ڪوششون جاپاني پاليسي سان ملندڙ آهن . اين ايڇ ڪي موجب جاپان جي خصوصي ايلچي سعودي عرب ، قطر، اردن ۽ گڏيل عر ب امارات جي د??ري تي آهن پنهنجي د??ري دوران هن سعودي عرب ۾ سياسي معاملن جي انڊر سيڪرٽري ڊ??ڪٽر سعود بن م??مد السااطي ۽ ڪنگ سلمان امدادي مرڪز ج اسسٽنٽ سپر وائزر جنرل آپريشنز اينڊ پروگرامز ا??مد بن علي البائز سان ملاقات ڪئي يميورا تسوڪسا ج?? د??ري جو مقصد عرب ملڪن ۽ عالمي تنظيمن سان ويجها ناتا ڪري غزه تڪرار گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي جاپان جي خصوصي صلحڪار جي بيان موجب سعودي عرب جاپان جي پاليسي موجب غزه تڪرار گهٽ ڪرڻ ۽ انساني امداد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي يميورا تسو ڪسا ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل قرارداد 2728 کي جاپان جي سربراهي ۾ منظور ڪيو قرارداد ۾ غزه ۾ رمضان شريف ۾ ف??ري جنگ بندي ۽ حماس جي حراست هيٺ يرغمالين جي ف??ري ۽ غير مشروط رهائي جو مطالبو ڪيو هيو .
غزه لاءِ سعودي ڪوششون اسان جي پاليسي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون: جاپان جو خصوصي ايلچي
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری