واشنگٽن- 02 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا انتهاپسند يهودي آبادڪارن تي پابنديو?? لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي اولهندي ڪن??ري ۾ فلسطينن خلاف پُرتشدد ڪاررواين ۾ ملوث آهن. العربيه اردو موجب پابندين بابت آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته انتهاپسند يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جي پهرين مرحلي ?? 4 ماڻهن خلاف لاڳو ڪيون وينديون، انهن جي آمريڪا ۾ موجود اثاثن کي بلاڪ ڪيو ويندو ۽ هو آمريڪين سان مالي ڏي وٺ نه ڪري سگهندا. ا?? لاءِ آمريڪي ويزائون ج??ري ڪرڻ تي به پابندي لاڳو هوندي. 4 يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان شروعاتي طور تي رڳو هڪ علامتي ڪارروائي نظر ايندي آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو انهن آمريڪي پابندين کانپوءِ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اولهندي ڪن??ري ۾ آمريڪي پابندين جي ڪا به گنجائش ۽ جواز ناهي، اسرائيل هر قانون ٽوڙيندڙ خلاف پاڻ قدم کڻي ٿو ۽ ا?? لاءِ آمريڪي پابندين جو ان سلسلي ?? ڪو جواز ناهي ته هو اهڙي طرح جا غير معمولي قدم کڻي. اولهندي ڪن??ري ۾ 4 يهودي آبادڪارن تي پابندين جو هي فيصلو ان وقت ڪرڻو پيو جڏهن صدر جوبائيڊن آمريڪي رياست مشي گن جو دورو ڪيو ۽ کيس اتي جي عرب ڄاون آمريڪين طرفان سخت رد عمل کي منهن ڏسڻو پيو جيڪي اسرائيل جي ب??ري ۾ آمريڪي پالسين جا مخالف آهن. مشن گن رياست جي شهر ڊيٽراوٽ جي ميئر به آمريڪي صدر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.
آمريڪا پاران اولهندي ڪناري ۾ پرُتشدد ڪاررواين ۾ ملوث يهودي آبادڪارن خلاف پابندين جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس