واشنگٽن-25 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 2020ع جي صدارتي چون??ن دوران رياست جارجيا جي نتيجا تبديل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، جنهن کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو. جرمن نشرياتي اداري موجب رياست جارجيا جي فلٽن ڪائونٽي جيل ۾ مگ شاٽ (جوابدار طور تصوير) وٺڻ کانپوءِ 2 لک ڊالر مچلڪا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر کي آزاد ڪيو ويو. آمريڪا جي تاريخ ۾ اه?? پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن اڳوڻي صدر جي جيل ۾ جوابدارن سان گڏ تصوير ڪڍي وئ??. ف??ٽن ڪائونٽي جيل طرفان جاري تفيصل موجب کيس قيدي نمبر پي او 1135809 نمبر ڏ??و ويو. سندس جسماني معائنو به ڪيو ويو، جيل مان آزاد ٿيڻ جي فوري بعد ڊونلڊ ٽرمپ ايئرپورٽ پهتو جتان هو نيو جرسي لاءِ روانو ٿي ويو، نيو جرسي روانو ٿيڻ کان اڳ هن چيو ته هتي جيڪو ڪجهه ٿيو اه?? انصاف جو مذاق آهي، مون ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ هر ڪوئي اه?? ڄاڻي ٿو. هن پنهنجي خلاف ڪارروائي جي چونڊ مداخلت قرار ڏ??ندي چيو ته اسان قطئي ڪجهه غلط ناهي ڪيو ۽ اسان وٽ هڪ اهڙي چونڊ کي چئلينج ڪرڻ جو حق آهي جيڪو اسان جي خيال ۾ بدديانتي تي ٻڌل آهي. هن چيو ته هي آمريڪا لاءِ شرمناڪ ڏينهن آهي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر صحافين جي سوالن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي صدر تي فوجداري ڏوهن جو الزام ناهي لڳو جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ 4 مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ مٿس مجموعي طور تي 91 الزام آهن.
چونڊ نتيجا بدلائڻ جو الزام، ڊونلڊ ٽرمپ جيل ويندڙ پهريون اڳوڻو آمريڪي صدر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا