اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي مستحڪم، مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ جي لاءِ قومي اقتصادي ترقي جو منصوبو ”اڏار پاڪستان“ روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي قومي ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، اقتصادي ٽيم جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري ايندڙ 6 مهينن ۾ اقتصادي هدف حاصل ڪري وٺنداسين، هلندڙ مالي سال دوران مٽاسٽا جو ناڻو 35 ارب ڊالر تائين په??ڻ جي اميد آهي، گذريل 9 مهينن جي مثبت انگن اکرن، بهتر اقتصادي ڪارڪردگي ۽ شفافيت جي گواهي عام ماڻهو پڻ ڏئي رهيو آهي، پرعزم آهيون ته نئون سال پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي ايندو، مقرر هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ محنت ۽ رڳو محنت ڪرڻي پوندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم نئون سال شروع ٿيڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته نئون سال پاڪستان ۽ عوام جي لاءِ خوشين جو سال ثابت ٿئي، الله تعاليٰ پاڪستان کي خوشحال ڪري، عوام کي ترقي ڏي ۽ پاڪستان عالمي دنيا ۾ معاشي طور تي هڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀري. هن چي?? ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي حوالي سان گذريل ڏينهن هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ”اڏار پاڪستان“ منصوبو جاري ڪيو ويو. هن چي?? ته جيڪڏهن اسان ثابت قدمي ۽ محنت سان هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيوسين ته اهو منصوبو قومي ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. وز??راعظم چي?? ته ان حوالي سان نائب وز??راعظم سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب سان گڏوگڏ پوري ڪابينا ۽ لاڳاپيل عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وز??راعظم چي?? ته پاڪستان جي معاشي ترقي روانگي واپار جي فروغ سان حاصل ڪري سگهجي ٿي، ان کانسواءِ ڪو ٻيو وسيلو نه آهي، واڌويجهه جي شرح ۾ استحڪام اچي چڪو آهي، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي. وز??راعظم اي ڊر آر جي حوالي سان بهترين ڪارڪردگي تي نائب وز??راعظم محمد اسحاق ڊار جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چي?? ته معاشي ٽيم جي ڪوششن سان قومي خزاني ۾ 72 ارب رپين جون اوڳاڙيون ٿيون آهن جنهن تي ايف بي آر چيئرمين ساراهه جو مستحق آهي. هن چي?? ته ڊسمبر جي اوڳاڙين جو هدف تقريبن حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو 97 سيڪڙو آهي. وز??راعظم ڪراچي بندرگاهه تي فيس ليس آپريشن جي شروعات ڪئي وئي آهي. بل گيٽس فائونڊيشن جي مدد سان ان حوالي سان 6 ارب ڊالر جي فنڊنگ حاصل ڪئي وئي جنهن سان ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جو عمل مڪمل ڪيو پيو وڃي. هن چي?? ته ناڻي واري وز??ر ۽ ناڻي واري وزارت جي ٽيم جي ڪوششن سان منصوبي تي عمل شروع ٿي چڪو آهي، ان جي شروعاتي نتيجن موجب ڪنٽينرز جي انسپيڪشن جي وقت ۾ 39 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي 89 سيڪڙو ريليف مليو آهي. وز??راعظم اسمگلنگ جي روڪٿام جو ذڪر ڪندي چي?? ته کنڊ جي افغانستان ڏانهن اسمگلنگ زيرو سيڪڙو آهي جنهن سان اسان کنڊ برآمد ڪرڻ جا قابل ٿياسين جنهن جو ڪريڊٽ وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، هٿياربند فوج ۽ ٻين ادارن ڏانهن وڃي ٿو جن کنڊ جي اسمگلنگ تي مڪمل طور تي ضابطو آندو آهي. هن وڌيڪ چي?? ته تيل جي اسمگلنگ ۾ پڻ نمايان گهٽتائي ٿي آهي. وز??راعظم چي?? ته هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ کانپوءِ 5 مهينن دوران مٽاسٽا جي ناڻي جون وصوليون اٽڪل 15 ارب ڊالر رهيون آهن، سال مڪمل ٿيڻ تي مٽاسٽا جو ناڻو 35 ارب ڊالر تائين په??ڻ جي اميد آهي جيڪو ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو اعزاز هوندو. هن چي?? ته مختلف وزارتن جي رائيٽ سائيزنگ، اي گورننس سميت ٻين قدمن تي عمل پيرا آهيون. هن چي?? ته گذريل مهيني جي دوران احتجاج ۽ ڌرڻن جي باوجود اسان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان قومي معيشت ۾ ميڪرو استحڪام آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. معاشي استحڪام ۾ دوست ملڪ، آءِ ايم ايف سميت ٻيا عالمي حصيدار پڻ شامل آهن. وز??راعظم چي?? ته اسان جي حڪومت جي شفافيت ۽ ڪارڪردگي جي گواهي عام ماڻهو پڻ ڏئي رهيو آهي، ڪنهن کي به اسڪينڊل آڻڻ جي جرئت نه ٿي، جيڪي توهان سڀني جي امانت، ديانت ۽ صداقت جي گواهي ڏئي رهيا آهن جنهن تي وفاقي وز??رن، مملڪتي وز??رن، خاص معاونين، سيڪريٽريز سميت ٻين سمورن لاڳاپيل عملدارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته اسان جا دوست ۽ خيرخواهه اسان جي لاءِ دعاڳو آهن، هاڻي قومي معيشت جي ترقي طرف وڌڻو پوندو جنهن جي لاءِ پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻو پوندو، پاليسيز تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، 9 مهينن جي ڪاميابين سان حوصلو وٺي مشڪلاتن کي منهن ڏيون ۽ اڳتي وڌون ته جيئن هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين هدف حاصل ڪري سگهجن. وز??راعظم محمد شهباز شريف اقتصادي واڌويجهه جي شرح جي حوالي سان چي?? ته ان جي لاءِ اسان روانگي واپار تي ڌيان ڏينداسين، چين گوادر ۾ جيڪو ايئرپورٽ ٺاهيو آهي ان کي عالمي واپار جو مرڪز بڻائينداسين جنهن جا وسيع امڪان به آهن. دهشتگردي جي حوالي سانو زيراعظم چي?? ته دهشتگردي ٻيهر ڪَر کنيو آهي جڏهن ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي رت سان پاڪستان جي آبياري ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن ۽ ايندڙ سال ملڪ جي لاءِ خير ۽ برڪت جو سبب بڻجندو جنهن جي لاءِ بنيادي شرط رڳو محنت آهي.
ايندڙ 6 مهينن ۾ اقتصادي هدف حاصل ڪري وٺنداسين، اڏار پاڪستان روانگي واپار تي ٻڌل معيشت کي وڌيڪ فروغ ڏيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena