اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ج??از جي افسوسناڪ حادثي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ شام آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ 25 ڊسمبر 2024ع تي اذال ايئرلائين جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جانين جي زي??ن تي آذربائيجان جي عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستاني قوم آذربائيجان جي ڀائر عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ سوڳوار خاندانن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ الله تعاليٰ کان دعاڳو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آذربائيجان جي ڀائر عوام صبر ۽ استقامت سان ان سانحي کي منهن ڏ??ندي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ شاندار ٻطرفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم صدر عليوف کي يقين ڏ??اريو ته پاڪستان هن مشڪل وقت ۾ آذربائيجان کي گهربل هر تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. صدر عليوف افسوسناڪ واقعي جي ڏس ۾ حمايت ۽ يڪجهتي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته وزيراعظم جو ان موقعي تي آذربائيجان سان گڏ بيهڻ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پائيدار رشتي جو عڪاس آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ دوستي جي مضبوط رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان کان ??ڳ وزيراعظم اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني جو دورو پڻ ڪيو ۽ گذريل ڏينهن ج??از حادثي جي حوالي سان تعزيتي ڪتاب تي پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ٽيليفونڪ رابطو، جهاز حادثي تي تعزيت
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil