اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ پاران پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ جو 13 سيڪڙو تي اچڻ ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي ۽ ان سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظ?? چيو ته گهٽ ناڻي واڌ جي شرح جي ڪري پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي، اميد ڪريون ٿا ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظ?? چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻ??ن لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
مضمون کا ماخذ : راکی