اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ڪئي. واپار واري وزار?? جي جاري پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي ناتن کي وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. م??اقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ حقيقي واپاري صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ وفاقي وزير مئي 2023ع ۾ ”ٽريڊ ان گڊز ايگريمينٽ“ کي عملي جامو پهرائڻ تي روشني وڌي، جن??ن ۾ پاڪستان ۽ ترڪ شين تي اوڳاڙين ۾ رعايت ڏني وئي هئي. سفير تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان جن??ري 2025ع ۾ ترڪيه ڏانهن هڪ وفد موڪلي ته جيئن اسلام آباد ۾ طئي ٿيل اعليٰ سطحي رياستي اجلاس کان اڳ عمل جوڳن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي، جن??ن کي واپار واري وزير ساراهيو. ڄام ڪمال خان نجي شعبي کي بااختيار بنائڻ لاءِ ڪا??وبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته بزنس ٽو بزنس مصروفيتن لاءِ ميچ ميڪنگ قدم اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ٻنهي ڌُرين گڏيل رٿائن جا موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سفير ۽ وفاقي وزير حڪومت کان حڪومت (جي 2 جي) ۽ ڪا??وبار کان ڪا??وبار (بي 2 بي) مصروفيتن جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪ- ترڪيه ناتن جي مستقبل بابت اميد جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي گڏيل اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو عهد ڪيو.
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي ترڪيه جي سفير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین