اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي: صنم جُوڻيجو) اسلام آباد ۾ ساليانو لوڪ ميلو شروع ٿي ويو آهي، ميلي ۾ سنڌ جي ثقافت جا رنگ ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آهن، مختلف اسٽالن تي موجُود ثقافتي رليُون، اجرڪُون، کيس، لويُون، کٿا، ٽوپيُون ۽ سنڌي رقص ۽ موسيقي سڄي ميلي ۾ ماڻهن جي ڌيا?? جو مرڪز بڻيل آهي،
اسلام آباد ۾ ساليانو لوڪ ميلو 8 نومبر کان شروع ٿي ويو آهي جيڪو ڏهه ڏينهن جاري رهندو، لوڪ ميلي 2024ع ۾ پوري ملڪ جي ثقافت جا رنگ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، پر سڀ کان وڌيڪ رنگ سنڌ جا نکري بيٺل آهن، ميلي ۾ سنڌ جي هٿ جي هنر جا لڳل اسٽال ۽ سنڌ پويلين ۾ ٺاهيل سنڌ جي اوطاق ماڻهن جي ڌيا?? جو مرڪز بڻيل آهن. لوڪ ميلي ۾ جٿي سڀني صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اسٽال لڳايا ويا آهن اُتي سڀ کان خوبصورت اسٽال سنڌ پويلين ۾ هُجڻ جي ڪري ماڻهن جي رش وڌيڪ آهي، سنڌ پويلين ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان هنرمند پنهنجا پنهنجا اسٽال هڻي ويٺل آهن جن ۾ هٿ جي هُنرن کان ويندي شڪارپُور جي مشهُور سانڌاڻي، ماوي جا اسٽال شامل آهن، جٿي هرمند پنهنجو هُنر پيش ڪري رهيا آهن جڏهن ته فنڪار پنهنجي ف?? جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، سنڌ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ اي پي پي سان ڳالهائيندي ٻڌا??و ته هن ڀيري اسلام آباد ۾ لڳل لوڪ ورثه جي سالياني ميلي ۾ 36 اسٽال هنيا ويا آهن، هِن چ??و ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان سنڌ جي ثقافت کي اُجاگر ڪريُون ۽ هر سال هتي اچڻ جو مقصد به اهوئي آهي، هن چ??و ته سنڌين کانسواءِ ٻين زبانن جا ماڻهو پڻ سنڌ پويلين جي اسٽالز تان خريداري ڪري رهيا آهن ۽ ان کانسواءِ آرڊر پڻ ڏين ٿا.
صنم سيهڙو جيڪا هر استعمال ٿيندڙ شيءَ کي ڀرت ڀري سنڌي ٿقافت جو حصو بڻائڻ چاهي ٿي
مختلف شين کي ڀرت ڀري سنڌي رُوپ ڏيندڙ صنم سيهڙو جو ڪم سڀ کان مختلف ۽ اهميت رکندڙ هو، هُن مختلف شين تي ڀرت ڀري انهن کي سنڌي رُوپ وٺرايو آهي، اي پي پي سان ڳالهائيندي صنم چ??و ته مُنهنجي ڪوشش آهي ته هر استعمال ٿيندڙ شيءَ کي ڀرت ڀري سنڌي ٿقافت جو حصو بڻايان، هُن مُرڪندي چيو هر شيءَ ڀلي کڻي خوبصورت هُجي پر جڏهن اها سنڌي ويس اوڍي ٿي ته اُن جي خوبصورتيءَ ڏهُوڻ تي وڌي وڃي ٿي، هِن چ??و ته مُون پرس کان ويندي، گُلدان، مختلف زيورن تي سنڌي ڀرت ڀري انهن کي سنڌي ثقافت جو حصو بڻايو آهي.
ميلي ۾ موجُود ڪاريگرن جي ڪٿا: جِن جُون ڪُجهه خواهشُون اڌُوريُون رهجي ويُون
هٿ جي هُنر جي ماهر ڪاريگر محمد علي حسن جنه?? جو تعلق مٽياري سان هو تنهن اي پي پي سان ڳالهائيندي ٻُڌا??و ته منهنجو والد ڪيترن ئي سالن کان لوڪ ميلي ۾ اسٽال لڳائيندو هو ۽ هاڻ آئُون اهو اسٽال هڻي رهيو آهيان. هِن پنهنجي والد جي هُنر جي حوالي سان چ??و ته منهنجي والد ڀٽ ڌڻي جي روضي جو سڄو نقش چادر تي چِٽيو هو. جڏهن ته اُن موقعي تي موجود محمد علي جي والد استاد لقمان ٻڌا??و ته منهنجي دلي خواهش هئي ته اها چادر آئون نيلام گهر ۾ پيش ڪريان. نيلام گهر جڏهن ڪراچي ۾ نشر ٿيندو هو ته مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته اها چادر اُتي ڏيکاريان پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو ۽ پوءِ نيلام گ??ر لاهور مان ڪاسٽ ٿيڻ شروع ٿي ويو جنهن جي ڪري منهنجي اها خواهش اڌُوري رهجي وئي. استاد لقمان ٻڌا??و ته هٿ جي هنر جي گهرج گهٽ ٿي وئي آهي ۽ ڪاروبار ايترو خاص نه پيو هلي، مشين جي ڪم جي گهرج وڌي وئي آهي ۽ ماڻهن کي اصل ۽ نقل جي فرق جي خبر نٿي پوي. ان جي ڪري هٿ جي ڪم جي گهرج تمام گهڻي گهٽ ٿي وئي آهي، پر اڃان به کوڙ قدردان موجود آهن، جيڪي هٿ جي هُنر کي مان ڏين ٿا.
سنڌ جُون رليُون، اجرڪُون، کيس، لويُون، کٿا، ٽوپيُون، سنڌي رقص ۽ موسيقي سڄي ميلي ۾ ماڻهن جي ڌيا?? جو مرڪز بڻيل
خيرپور جي بادشاهه زادي ٻڌا??و ته هوءَ هتي 10 سالن کان اسٽال لڳائي رهي آهي. بادشاهه زادي پنهنجي اسٽال تي رليءَ جو ڪم پُڻ ڪندي رهي، هن ٻڌا??و ته هوءَ ڪيترن ئي سالن کان رليءَ جو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ماڻهو رلين جي ڪم کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. هن ٻڌا??و ته ماڻهو هتي ڪم ڏسي وڏا وڏا آرڊر پڻ ڏين ٿا. جنهن کي آئون سنڌ ۾ وڃي پورو ڪري هنن وٽ پهچائيندي آهيان. هن ٻڌا??و ته گهڻو ڪري ٻين زبانن جا ماڻهو منهنجي ڪم کي پسند ڪن ٿا. مهانگائي جي ڪري ڪاروبار گهٽ ٿي ويو پر ان جي باوجود ڪم سٺو هلي رهيو آهي.
ڌاڳو ڪتڻ جو چرخو، جنهن جي اهميت وقت ۽ مشينن گهٽائي ڇڏي
مٺيءَ واسي روي جنهن جي اسٽال تي هٿ جون ٺهيل ۽ خاص طور تي چرخي تي ٺهيل کيس ۽ شالون ماڻهن جي ڌيا?? جو مرڪز هُيُون، تنهن اي پي پي کي ٻڌا??و ته منهنجي امڙ انيتا چرخي جو ڪم ڪندي آهي. هن ٻڌا??و ته سڀ کان اڳ ڪپهه مان ڌاڳو ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ان کي مختلف قسم جا رنگ لڳائي شالون ۽ کيس ٺاهيا وڃن ٿا. روي ٻڌا??و ته اسان هٿ جي ڪم کانسواءِ مشي?? جو ڪم پڻ ڪندا آهيون. ڪجهه ماڻهن کي مشي?? جو ڪم پسند آهي. روي ٻڌا??و ته مشي?? جو ڪم سستو هجڻ جي ڪري ماڻهو مشين جي ڪم کي پسند ڪن ٿا. هٿ جا ٺهيل کيس ۽ شالون ٿوريون مهانگيون هجڻ سبب انه?? جو پاڪستان ۾ وڪرو گهٽ ٿي ويو آهي پر ٻاهران آيل ماڻهو هٿ جي شال ۽ کيس کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. هن ٻڌا??و ته مشي?? جو ڪم مضبُوط نه آهي پر هٿ جو ڪم مضبُوط هجڻ سبب گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو.
سنڌ جو مائو، جنهن کي چيني شهري به گهڻو پسند ڪن ٿا
لوڪ ميلي ۾ لڳل مٺائي جي اسٽال تي موجُود لاڙڪاڻي واسي محمد علي ٻڌا??و ته هو 25 سالن کان لوڪ ورثه ۾ ماوي ۽ پيڙ?? جو اسٽال لڳائي رهيو آهي. هن ٻڌا??و ته اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين کانسواءِ پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهري به منهنجي مٺائي کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. هن ٻڌا??و ته لاڙڪاڻي جا ٺهيل پيڙا سڀ کان وڌيڪ ماڻهن کي پسند اچن ٿا. ان کانسواءِ هن ٻڌا??و ته نج کير مان ٺهيل مائو ۽ ڏُونگهيءَ جي مٺائي پڻ ماڻهن کي تمام گهڻي پسند اچي ٿي.
سنڌ ميوزيڪل ??ائٽ 15 نومبر جمعي تي منعقد ٿيندي
جڏهن ته لوڪ ميلي ۾ سنڌ ميوزيڪل ??ائٽ 15 نومبر جمعي تي منعقد ٿيندي، جنهن ۾ صنم ماروي، طفيل سنجراڻي ۽ ٻيا فنڪار پنهنجي ف?? جو مُظاهرو ڪندا. لوڪ ميلي ۾ سڀني صوبن جي لاءِ ميوزيڪل ??ائٽ جي رات مخصوص هُوندي آهي ۽ هِن ميلي ۾ سنڌ ميوزيڪل ??ائٽ 15 نومبر تي ٿيندي جنهن ۾ صنم ماروي، طفيل سنجراڻي، سهراب فقير جا فرزند سلامت ۽ رجب، شهنيلا علي، فراز ۽ جوڳي ميوزيڪل ??ائٽ ۾ پنهنجي ف?? جو مظاهرو ڪندا ۽ اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين کي تفريح فراهم ڪندا.
لوڪ ميلي ۾ پهريُون ڀيرو ثقافت کاتي پاران ڪتاب?? جو اسٽال نه لڳايو ويو
جڏهن ته لوڪ ميلي ۾ پهريُون ڀيرو ثقافت کاتي پاران ڪتاب?? جو اسٽال نه لڳايو ويو. هر سال ميلي ۾ ثقافت کاتي پاران لڳندڙ اسٽال تي ثقافت کاتي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل ڪتاب وڪري لاءِ موجُود هوندا هُئا، اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌي شاعري، نثر، سنڌ جي تاريخ سميت مختلف موضوعن تي پنهنجي پسند جا ڪتاب خريد ڪندا هُئا، هِن سال استال نه لڳڻ جي ڪري ماڻهُو اسٽال کي ڳوليندا رهيا، ان حوالي سان ثقافت کاتي جي حبيب الله ميمڻ ٻڌا??و ته جيڪو ماڻهو ڪتاب?? جو اسٽال هڻندو اهو ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جڏهن ته ٻئي کي چڪن گونيا ٿي پئي آهي جنهن جي ڪري هن ڀيري اسٽال نه هنيو ويو آهي، ان جي باوجود اسان بڪ پاڻ سان گڏ کڻي آيا آهيون.
سنڌ جي سياحت: جٿي ٻاهران ايندڙ سياح موه?? جو دڙو، رني ڪوٽ، مڪلي، ڪينجهر، ڪارونجهر ۽ ڀنڀور کي ڏسڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا
سنڌ جي سياحت جي حوالي سان ماڻهن کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سياحت کاتي جي ريجنل مئنيجر گلزار احمد مخدوم اي پي پي کي ٻڌا??و ته اسا?? جو کاتو 5 سالن کان هتي اسٽال لڳائي رهيو آهي، سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششُون ڪيُون پيُون وڃن ۽ سياحتي دورا پُڻ ڪرايا وڃن ٿا. هن ٻڌا??و ته هن ڀيري اترين علائقن ۾ وڃڻ تي پابندي سبب ڪيترائي سياح سنڌ طرف اچي رهيا آهن، اسلام آباد مان پڻ اسان سياحن کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون ۽ مختلف ٽوئر پئڪيجز متعارف ڪيا آهن. هن چ??و ته گهڻا سياح موه?? جو دڙو، رني ڪوٽ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، گورک هِل اسٽيشن، ڪينجهر ڍنڍ کي ڏسڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪن ٿا جڏهن ته ان کانسواءِ مڪليءَ کي ڏسڻ لاءِ پُڻ ڪيترائي سياح اچن ٿا، جڏهن ته اڪثر سياح گڊو بئراج، ڪارونجهر جبل، لعل شهباز قلندر، پڪو قلعو، رني ڪوٽ، ڪيٽي بندر، ڀنڀور، مهتا پيليس جهڙين جاين تي وڃڻ پسند ڪندا آهن.