اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري جي شهر جنين ۽ طلڪرم ۾ پناهگيرن جي ڪئمپن تي اس??ائيلي قابض فوج جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ انساني جانين جو زيان ۽ شهري انفراسٽرڪچر جي وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اس??ائيلي قابض فوج پاران فوجي طاقت جو انڌاڌنڌ اس??عمال عالمي انساني ق??نو??ن ۽ بنيادي اصولن جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ اس??ائيلي قابض فوج پاران عالمي انساني ق??نو?? جي هڪ ٻي خلاف ورزي آهي، اهو عالمي ق??نو?? ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عالمي رويي جي توهين کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان انهن حملن کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ٿو جيڪي اولهندي ڪناري ۾ ڪيا پيا وڃن. ترجمان چيو ته جارحيت جي ذريعي پائيدار امن جو رستو حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اس??ن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اس??ائيلي قابض فوج کي شهرين جي خلاف وڌيڪ حملن کان روڪڻ، اس??ائيل کي ان جي جنگي ڏوهن جو ذميوار ق??ار ڏيڻ ۽ فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ موثر ق??م کڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
پاڪستان پاران اولهندي ڪناري جي شهر جنين ۽ طلڪرم ۾ پناهگيرن جي ڪئمپن تي اسرائيلي قابض فوج جي حملي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری