اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پر??يهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته علائقائي امن، سلامتي ۽ سهڪار لاءِ آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پاڪستان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو، آسيان جو علائقائي يڪجهتي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پر??يهي آفيس مان جاري بيان مطابق پر??يهي سيڪريٽري 27 جولاءِ کان لائو پي ڊي آر ۾ منعقد ٿيل 31 هين آسيان ريجنل فورم وزارتي اجلاس ۾ پاڪستاني ??فد جي قيادت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هن چيو ته ايشيا پيسفڪ خطي ۾ علائقائي تڪرارن تي پاڪستان جي نقطه نظر بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندي گروپن جي سياست بدران ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي عوام جي خراب حالت کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ان تڪرار جي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. پر??يهي سيڪريٽري غزه ۽ افغانستان جي صورتحال سميت علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. آسيان ريجنل فورم جي موقعي تي پر??يهي سيڪريٽري آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل داتو استنه عبدالعزيز، چين جي نائب پر??يهي وزير سن وي ڊونگ ۽ ملائيشيا جي پر??يهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل داتو سري عمران محمد زين سان پڻ ملاقات ڪئي.
پاڪستان آسيان ۽ ميمبر ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا وڌائڻ جو پختو عزم رکي ٿو: محمد سائرس سجاد قاضي
مضمون کا ماخذ : کڑک