اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان قطر سائنس اينڊ ٽيڪنال??جي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو جمعي ڏينهن سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ انوويشن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنال??جي پارڪ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏ??ي وئي. قطر سائنس اينڊ ٽيڪنال??جي پارڪ جي صدر ڊاڪٽر جيڪ لاو چيو ته پاڪستاني ڪمپنيون قطر ۾ پنهنجون آفيسون قائم ڪن، پاڪستاني ڪمپنين جي قطر ۾ موجودگي وچ اوڀر جي مارڪيٽ تائين بهتر رسائي ۾ مددگار ٿيندي. چاهيون ٿا ته پاڪستاني انٽر پرينيورز قطر ۾ اچي فائونڊيشنل ٽيڪنال??جي تي ڪم ڪن. آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه چيو ته موجوده حڪومت انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جو ڌيان نوجوانن جي جديد ٽيڪنال??جي ۾ ٽريننگ ۽ انهن جي صلاحيت وڌائڻ تي آهي. اسان جا نوجوان وڌيڪ صلاحيتن وارا آهن، پاڪستا?? ۽ ??طر وچ ۾ اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪري سگهجي ٿو، ان حوالي سان اگنائٽ ۽ قطر سائنس اينڊ ٽيڪنال??جي پارڪ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اهو اهم آهي ته قطر ۾ پاڪستاني شاگردن کي قطر سائنس اينڊ ٽيڪنال??جي پارڪ جو دورو ڪرايو وڃي. پاڪستا?? ۽ ??طر ٽيڪنال??جي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ملاقات ۾ آءِ ٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عائشه حم??را مورياڻي به موجود هئي.
آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه سان قطر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز