اسلام آباد -10 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته چيني شهرين جي حفاظت تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. جڏهن ته لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت ڪور ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪن??ي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري دفاع، انچارج نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، ڪو آرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان ۽ قانو?? لاڳو ڪن??ڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن ش??ڪت ڪئي. جڏهن ته صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽريز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ ش??ڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي خطاب ڪن??ي گهرو وزير چيو ته چيني شهرين جي حفاظت لاءِ ڪا به ڪوتائي برداشت نه ڪئي ويندي. چيني شهرين بابت سيڪيورٽي آڊٽ کي مقرر ٽائي?? لائين اندر يقيني بڻايو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارا گڏيل سهڪار سان نون ايس او پيز تي 100 سيڪڙو کي يقيني بڻائين. اجلاس دوران گهرو وزير کي چيني شهرين جي حفاظت جي سلسلي ۾ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو.
چيني شهرين جي حفاظت تي ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی