تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه ا?? سان ملاقات ڪري صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوال?? سان مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي ??يزن کي جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه ا?? سان ملاقات ڪئي. سپريم ليڊر سان ملاقات دوران وزيراعظم صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر رئيسي هڪ ويزنري اڳواڻ هو جنهن پنهنجي ??لڪ ۽ پنهنجي ??اڻهن جي خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪ – ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي حوال?? سان مرحوم ايراني صدر جي ??يزن کي جاري رکنداسين. وزيراعظم تاريخ جي ??ن نازڪ موڙ تي پنهنجي ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن ڀائر ملڪ ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي ??حصور عوام جي ??اءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ لکيون وينديون. ايراني سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ڪيل جذبن جي اظهار کي محسوس ڪريون ٿا ۽ ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته اسان پاڪستان سان پنهنجي ??اڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا ۽ اسان پاڪ – ايران لاڳاپن جي حوال?? سان مرحوم ايراني صدر رئيسي جي ??يزن کي اڳتي وڌائينداسين. وزيراعظم ايراني سپريم ليڊر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ??ڻ دعوت ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ملاقات دوران وزيراعظم سان گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات، صدر رئيسي ۽ سندس ساٿين جي افسوسناڪ شهادت تي تعزيت جو اظهار، پاڪ ايران لاڳاپن جي حوالي سان ابراهيم رئيسي جي ويزن کي جاري رکنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی