اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته روس سان توانائي ۽ بارٽر واپار جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون، روس پاڪستان سان واپار جي فروغ لاءِ روسي بئنڪن کي پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي ترغيب ڏي. ايوان ص??ر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زردا??ي پاڪستان ۾ ر??س جي سفير البرٽ خوريو سان ڳالهائي رهيو هو جنهن صدر سان ملاقات ڪئي. صدر روس سان ثقافتي شعبي خاص طور تي ٽي وي ۽ فلمز ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفير کي روسي ص??ر جي لاءِ ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد، نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته صدر پيوٽن جي قيادت ۾ ر??س تيز تر معاشي ترقي ڪندو، عالمي امن کي فروغ ٿيندو. ص??ر جو ماسڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي ۾ 130 معص??م جانين جيزيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. روسي سفير چيو ته روس پاڪستن جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻئي ملڪ گڏيل معاملن بشمول دهشتگردي جي خاتمي ۽ منشيات جي اسمگلنگ تي تعاون ڪري رهيا آهن، روس پاڪستان سان موجوده واپاري ڪاٿي کي ٻيڻو ڪرڻ چاهي ٿو. روسي سفير ماسڪو ۾ 22 مارچ جي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. روسي سفير صدر آصف علي زرداري کي پاڪستان جي ص??ر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.
روس سان توانائي ۽ بارٽر واپار جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا خواهشمند آهيون: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena