اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترجيحي بنيادن ??ي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي لاءِ عالمي ماهرن جي مدد ورتي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان قدمن تي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن شرڪت ڪئي ۽ تجويزون ??يش ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي ترقي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ملڪي ??عيشت جي ترقي جي موجوده وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻينداس??ن. ??زيراعظم چيو ته ٽيڪنالاجي جي لاڳو ٿيڻ سان معيشت جي هر شعبي ۾ جدت کڻ?? اينداسين، نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ علم ۽ هنر جي عالمي معيار جون سهولتون ??راهم ڪيون ??ينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين پهچ ۾ اضافو، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي بهتري، اي – گورننس، نوجوانن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز جي پيشيواراڻي تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم ترجيحي بنيادن ??ي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد جهانزيب، احسن اقبال، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، راڻا مشهود خان، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن محمد جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ترجيحي بنيادن تي ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری