راولپنڊي- 15 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي ??ربراهه جنرل سيد عاصم منير آمريڪا جي ??ؤري دوران آمريڪا جي ??ڪومتي ۽ فوجي ??ملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ ٻه طرفي دلچسپيءَ جي معاملن، عالمي ۽ علائقائي سلامتي ۽ جاري تڪرارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۾ ٻه طرفي سهڪار جي ??مڪاني موقعن جي ڳولا لاءِ گڏيل رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان مطابق آمريڪا جي ??ؤري دوران آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن، دفاع واري سيڪ??يٽ??ي جنرل لائيڊ جي ??سٽن، نائب آمريڪي پرڏيهي وزير وڪٽوريه نولينڊ، نائب قومي سلامتي جي ??لاحڪار جوناٿن فائز ۽ آمريڪي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل چارلس ڪيوبران سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ دهشتگرديءَ جي ??اتمي واري شعبي ۾ سهڪار ۽ دفاعي سهڪار کي گڏيل تعاون جو بنياد قرار ڏنو ويو. ٻنهي ڌُرين ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل فائديمند رابطن جي ??ائري کي وڌائڻ وارا طريقا ڳولڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. آرمي چيف علائقائي سلامتي جي مسئلن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽ??يٽ??ڪ استحڪام کي متاثر ڪندڙ اڳڀرائيءَ تي هڪ ٻئي جي نقطه نظر کي سمجهڻ جي ??هميت تي زور ڀريو. ان کي نظر ۾ رکندي آرمي چيف ڪشمير مسئلي کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبليءَ جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ جي ??هميت کي اجاگر ڪيو. آرمي چيف اتي رهندڙ پاڪستانين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ??نتظام هيٺ آجياڻي ۾ آرمي چيف پاڪستاني برادريءَ جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. آرمي چيف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ طرفان ملڪ جي ??رقيءَ لاءِ هاڪاري ڪردار کي ساراهيو. ڳالهين دوران مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ آرمي چيف پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن ايس آءِ ايف سي ذريعي سيڙپڪاري ڪندڙ پرڏيهين جي ??جيان ۽ حوصله افزائي ڪئي، جن پهريان ئي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. آرمي چيف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته آمريڪا پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏي روانگي واپار جي مارڪيٽ آهي جيڪا اسان جي ڪل روانگي واپار جو 21.5 سيڪڙو آهي. هن اسپيشل اسڪريننگ،، ويزائن کان انڪار ۽ روڪڻ جهڙين افواهن کي رد ڪري ڇڏيو. آرمي چيف چيو ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان جا سفير آهن ۽ مختلف شعبن ۾ پاڪستان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪستاني برادري جي ميمبرن پاڪستان جي ??هتريءَ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار ۽ شراڪت تي فخر جو اظهار ڪيو. آرمي چيف سڄي پاڪستاني برادريءَ کي انهن جي ڪوششن تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن تنوير احمد سان به ملاقات ڪئي، جنهن پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي ??رقي جي ??عبي نسٽ لاءِ 9 ملين ڊالرن جو عطيو ڏنو هو. آرمي چيف سندس تعريف ڪندي ـ چيو ته پاڪستان کي توهان جهڙن هيروز تي فخر آهي.
آمريڪي دؤرو، آرمي چيف جون آمريڪي حڪومتي ۽ فوجي عملدارن سان ملاقاتون، ٻه طرفي دلچسپي، عالمي ۽ علائقائي سلامتيءَ جي گڏيل معاملن ۽ عالمي تڪرارن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو