ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي غيرقان??ني طور تي رهندڙ ماڻهن جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪر?? گهرجي ها، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بنياد الزام هنيا، سڀ ڄاڻين ٿا ته اتڪل 5 لک غيرقان??ني رهندڙ ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان مان پنهنجي وطن واپس ويا آهن، انهن کي جبري ناهي موڪليو ويو انهن جي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي. ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ائين لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي ٽوئيٽ سان افغانستان جي حڪومت ۽ ٽي ٽي پي جي ماڻهن جون همدرديو?? حاصل ??رڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ??وشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ان جي پارٽي کي ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدو حاصل ٿي سگهي، جيڪڏهن ائين آهي ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. هن چيو ته غيرقان??ني رهندڙ ماڻهن جي پنهنجي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي، پاڪستان مهمان نواز ملڪ آهي، مستقبل ۾ به ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿئي.
پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪرڻ گهرجي ها: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ