اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي موجوده دور جي گهرجن ۽ معيشت جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفا متعارف ڪرائڻ، ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن کي وظيفن جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ، تحقيق جي لاءِ فنڊز فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ تربيت يافته افرادي قوت خاص طور تي نرسنگ جي شعبي ۾ تربيتي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ??اي??ر ايجوڪيشن ڪميشن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران و??ير??عظم کي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي صورتحال، شاگردن جي لاءِ وظيفن، ملڪ جي يونيورسٽين جي صورتحال ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نگران و??ير??عظم ملڪي تعليمي شعبي جي موجوده انگن اکرن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پ??ڪستان ۾ هن وقت ??اي??ر ايجوڪيشن ڪميشن جا تسليم ٿيل 259 اعليٰ تعليمي ادارا آهن. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان ۾ عالمي معيار جي يونيورسٽين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ پليجرزم جي خاتمي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??اي??ر ايجوڪيشن ڪميشن قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين پي ايڇ ڊي جا 20 هزار کان وڌيڪ وظيفا فراهم ڪيا ويا آهن. نگران و??ير??عظم کي اجلاس ۾ قومي ۽ عالمي وظيفن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران و??ير??عظم ملڪ ۾ عالمي مارڪيٽ جي گهرجن موجب فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفن جي ترويج جي هدايت ڪئي. نگران و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي سرڪاري وظيفن جي ذريعي ايندڙ نتيجن جي حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران و??ير??عظم ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي رقم جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي جي هدايت ڪئي. نگران و??ير??عظم چيو ته پ??ڪستان جي انساني ۽ فني وسيلن جي ترقي لاءِ اس??ن کي ملڪ ۾ سائنس ۽ انجنيئرنگ جهڙن مضمونن ۾ وظيفن کي فروغ ڏيڻو پوندو. نگران و??ير??عظم کي اڪيڊميز ۽ ملڪي صنعت جي وچ ۾ حصيداري جي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي آءِ ٽي ۽ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري کان تحقيق جي فنڊنگ ڪرائڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران و??ير??عظم صوبن ۾ تعليمي شعبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبائي عملدارن جو اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران و??ير??عظم چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ عوام ۾ عالمي معيار جي تعليم مهيا ڪرڻ لازمي آهي. نگران و??ير??عظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ هنرمند افرادي قوت خاص طور تي نرسن جي لاءِ تربيتي پروگرام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران و??ير??عظم چيو ته اس??ن جي افرادي قوت اس??ن جو تمام وڏو اثاثو آهي ۽ تربيت يافته افرادي قوت جي ذريعي اس??ن عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهون ٿا. اجلاس ۾ نگران و??ير??عظم کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ??اي??ر ايجوڪيشن ڪميشن پاران کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن ۾ لاهور ۽ ڪراچي ۾ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ، جديد ترين سپر ڪمپيوٽرز جو اس??عمال ۽ ٻيا پروگرام سرفهرست آهن. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران وفاقي و??ير?? ??اي??ر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين، سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.
نگران وزيراعظم پاران ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي موجوده دور جي گهرجن ۽ معيشت جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب