اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو“ تحت ”چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي اڳڀرائي کي اجاگر ڪرڻ جي ??اءِ ملڪ گير تصويري مقابلي جي ??اءِ پاڪستان چائن?? انسٽيٽيوٽ کي سوين درخواستون ملي چڪيون آهن. پاڪستان چائن?? انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران شروع ڪيل ”ملڪ گير بهترين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو منصوبا تصويري مقابلو) ۾ شامل ڪئي ويندڙ تصويرن جي ??صولي جي آخري تاريخ 7 آڪٽوبر 2023ع آهي. تصويري مقابلي جي ??ائيم لائين موجب ”انفراسٽرڪچر اينڊ ڊيولپمينٽ، پيپلز اينڊ اسٽوريز انوائرمنٽل امپيڪٽ“ جي ڪيٽيگريز م پاڪستان ۾ سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن بابت تصويرون 7 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون جڏهن ته 8 آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين ناليوارن فوٽوگرافرن، فنڪارن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن تي ٻڌل پينل پاران حتمي فيصلي کانپوءِ مقابلي ۾ فتح ماڻيندڙن جو اعلان 10 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪستان چائن?? انسٽيٽيوٽ جي حصيداري سان انعام ورهائڻ واري تقريب ۽ نمائش 12 آڪٽوبر 2023ع تي ٿيندي جنهن ۾ ناليواريون شخصيتون، عملدار ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ون?? جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان مقابلي جي ??اءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي ??اءِ ڪالهه خميس ڏينهن فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي. پاڪستان چائن?? انسٽيٽيوٽ جي سربراهه مصطفيٰ سيد کانسواءِ اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي رئيسه عادل ۽ وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن جي ??ين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. عنبرين جان پاڪستان چائن?? انسٽيٽيوٽ کي وزارت ۽ ان سان واڳيل ادارن بشمول پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، اي پي پي، پي آءِ ڊي، اي پي ون??، آئي پي ون??، ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبليڪشنز ۽ ٻين ادارن جي ??لٽي ميڊيا پليٽ فارمز استعمال ڪندي تصويري مقابلي کي ڪامياب بڻائڻ جي ??اءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. مصطفيٰ سيد اجلاس کي ملڪ گيري تصويري مقابلي جي ??قصدن، ان جي طريقيڪار ۽ ٽائيم لائين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان چائن?? انسٽيٽيوٽ کي تصويري مقابلي جي ??اءِ سوين درخواستون مليون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان چائن?? انسٽيٽيوٽ هڪ غيرسرڪاري، غيرجانبدار ۽ غيرسياسي ٿنڪ ٽينڪ آهي جيڪا پاڪستان ۽ چين جي عوام جي ??چ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پاڪستان چائن?? انسٽيٽيوٽ ايوارڊز کٽيندڙن جي ??اءِ چين جي دوري جو به اهتمام ڪندو. خميس ڏينهن ٿيندڙ اجلاس 25 سيپٽمبر تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس جو فالو اپ هو جنهن دوران اطلاعات واري سيڪريٽري چيو هو ته تصويري مقابلو سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ گهري ۽ ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو.
پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي سي پيڪ منصوبي جي تصويري مقابلي لاءِ سوين درخواستون موصول
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج