اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي 4 کان 5 آڪٽوبر تائين تبت جي خودمختيار علائقي نينگچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئين ع??لمي تعاون بابت ٽرانس هماليه فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب ٽرانس هماليه فورم جي شروعات 2018ع ۾ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ جاگرافيائي رابطي، ماحولياتي تحفظ ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ سميت مختلف موضوعن تي عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي هئي. فورم جو آخري اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو. هن سال جي فورم جو ٿيم ”ماحوليايت تهذيب ۽ ماحولياتي تحفظ“ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تبت ۾ پنهنجي قيام دوران ٽرانس هماليه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪن??و. ??و منگوليا جي نائب وزيراعظم، چين جي پرڏيهي وزير ۽ افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير سم??ت ڪيترين ئي علائقائي شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي چين جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ