اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پا??ستان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي، پا??ستان چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ جيڪو نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڏنو هو، هن چيو ته پا??ستان يوڪرين سا?? روس جي جنگ تي ”غيرجانبدار“ آهي ۽ چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار طور ڏسي ٿو. هن چيو ته اها سرد جنگ نه آهي، هتي ڪو ”آئرن ڪرٽن“ نه آهي، اهو ايترو مبهم نه آهي، هر ڪو ڏسي رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته پا??ستان هڪ اهڙي راهه تي گامزن آهي جنهن جي چونڊ اولهه، روس ۽ چين جي ??چ ۾ چٽاڀيٽي کان بچڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پا??ستان آمريڪا ۽ چين جي وڌندڙ دشمني ۾ ڪنهن به ڪئمپ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي. هن چيو ته سوويت يونين جي خلاف ۽ نائين اليون کانپوءِ ٻيهر اولهه جو سا?? ڏئي پ??ڪستان وڏي قيمت ادا ڪئي. هن چيو ته گذريل 30 سا??ن ۾ پا??ستان سا?? اولهه غيرمنصفاڻو سلوڪ ڪيو آهي، هر قوم پنهنجي لاءِ… اسان کي ان مقابلي جو فڪر ڇو ڪرڻ گهرجي؟ اهو ٻن عظيم طاقتن، ٻن عظيم تهذيبن ۽ 150 کان وڌيڪ ملڪن جي اثرن جي ??چ ۾ آهي ۽ پا??ستان انهن ملڪن مان رڳو هڪ آهي، يوڪرين بابت پا??ستان جي ”غيرجانبدار“ موقف جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو بحران چئلينجز پيدا ڪري رهيو آهي ۽ گڏ ئي اهو خطي ۾ موقعا پڻ پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اسان ان کي ٻنهي طريقن سا?? ڏسي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم پا??ستان پاران يوڪرين ۾ جنگي سا??ان منتقل ڪرڻ جي حوالي سا?? ميڊيا رپورٽ ۾ الزامن جي سختي سا?? ترديد ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به قسم جو وڪرو نه ڪيو جيڪو سڌوسنئون يوڪرين يا ڪنهن به ٽئين ڌر جي ذريعي به ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي هجي. پا??ستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتاري جي حوالي سا?? نگران وزيراعظم مبينا زيادتين جي ترديد ڪئي ۽ پا??ستان جي قدمن جي ڀيٽ 6 جنوري 2021ع تي آمريڪي ڪيپيٽل تي حملو ڪندڙن جي آمريڪا ۾ گرفتارين سا?? ڪئي. هن چيو ته گرفتاريون غيرقانوني ڪاررواين تي ڪيون پيون وڃن، ڪو به اهڙو شخص جيڪو باهه لڳائڻ يا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث آهي، اهو ان قسم جو طرزعمل نه آهي جنهن کي ڪنهن به لبرل جمهوريت جي ذريعي فروغ ڏنو وڃي ٿو يا ان جي تائيد ٿئي ٿي، ته پوءِ پا??ستان کان اها اميد ڇو ڪئي پ??ي وڃي ته اسان اهڙي طرح جي رويي کي معاف ڪريون؟.
پاڪستان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری