اسلام آباد – 09 – آڪ??وب?? (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن، حاجين جي لاءِ ڪيل ??نتظامن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، نج?? ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته ان جي وسيلي پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن، حج پاليسي فوري طور تي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگر??ن وزيراعظم کي حج جي حوالي سان قدمن ۽ حج پاليسي 2024ع جي تياري جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگر??ن وزيراعظم چيو ته حج جهڙي اهم فرض کي سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ??ه حاجين جي لاءِ ڪيل ??نتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ??ه نج?? ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي وسيلي سان پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن. نگر??ن وزيراعظم هدايت ڪئي ??ه حج پاليسي جلد وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ??ملدارن شرڪت ڪئي.
حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II