نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ کي پاڪستان جهڙن ڪمزور اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن، ترجيحن ۽ حالتن موجب فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان فنڊ کي موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن جي عالمي ردعمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”??اس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي انتظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب اج??اس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ يو اي اي جي صنعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وزير اج??اس دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 جي ??اء?? تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪ??و هو. نگران پرڏيهي وزير ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”??اس اينڊ ڊيميج فنڊ“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي. هن چيو ته اڄ جي مشاورت هڪ خوش آئنده موقعو آهي ته ان سان عبوري ڪميٽي جي بحثن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي غور ڪيو وڃي ۽ اهو ڏسڻ جي ??اء?? ته هن سال جي آخر ۾ دبئي ۾ ڪوپ – 28 ۾ ڪميٽي جي ڪم جي ٺوس ۽ نتيجاخيز تڪميل کي ڪيئن يقيني بڻايو وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي آفتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ خاص طور تي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ جيڪي موسمياتي تبديلين جي سڀ کان وڌيڪ خطرن جو شڪار آهن اتي لکين ماڻهن کي شديد تڪليفن، مصيبتن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڪوپ – 28 مان اميدون تمام واضح آهن ته اها ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ کي ڪامياب بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪ??دي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جي حمايت ۾ مثبت ۽ اهم ڪردار ادا ڪ??و. تڏهن کان اسان عبوري ڪميٽي جي عمل ۾ تعميري طور تي مصروف عمل آهيون. هن چيو ته اسان جي مخلصاڻي اميد ۽ ڪوشش آهي ته ڪوپ – 28 ۾ ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ڪرڻ جي ??اء?? ان جي اداراجاتي انتظامن سان گڏوگڏ ”فنڊنگ جي انتظامن“ بابت سمورن باقي مسئلن کي عبوري ڪميٽي جي اندر حل ڪيو ويندو. هن چيو ته سمورن ڪمزور اسرندڙ ملڪن کي انهن جي ترقي جي سطح ۽ جاگرافيائي گروهه بندي کان هٽي ڪري ان جو اهل هجڻ ضروري آهي. ڪنهن به ڪمزور اسرندڙ ملڪ کي پٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. فنڊ کي ڪنهن مخصوص گ??وپ يا اسرندڙ ملڪن جي گروپن تائين محدود ڪرڻ جي ڪا به تجويز واضح طور تي فنڊ قائم ڪرڻ جي پٺيان گڏيل روح، مقصد ۽ ڪوششن جي خلاف هوندي. هن چيو ته اضافي، مناسب، نان ڊيبٽ پيداوار ۽ گرانٽ تي ٻڌل پبلڪ فنانس ??اس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جو بنيادي ذريعو هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته يو اين ايف سي سي ۽ پيرس معاهدي سان ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ جي اهليت جي معيار، پروگرامن ۽ پاليسين جي صف بندي کي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? فنڊ کي ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي جي آپريٽنگ اداري طور ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح فنڊ وٽ هڪ وقف ۽ خودمختيار سيڪريٽريٽ هجڻ گهرجي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته فنڊ جي پاليسين تي عملدرآمد ۽ ڪوپ ۽ سي ايم اي کان رهنمائي جي فراهمي غيرجانبداراڻي طريقي سان ڪئي وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪوپ – 28 ۾ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي تجويز جي پڻ حمايت ڪريون ٿا، جنهن ۾ ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪوپ 28 ۾ ??اس اينڊ ڊيميج فنڊ جي ڪامياب آپريشنلائيزيشن جي ??اء?? تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جو منتظر آهي.
لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي پاڪستان جهڙن ڪمزور اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن، ترجيحن ۽ حالتن موجب فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي: جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن