اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پاڪستا?? جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعت?? جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ا?? جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي، معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي هڪ اجلاس ۾ واپار واري وزارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران سندن ڪارڪردگي ۽ هدفن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ واپار وار?? نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، ناڻي وار?? نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي منڊين خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن سان معاشي حصيداري روانگي واپار وڌائڻ جي حڪمت عملي جو حصو هوندو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم واپار واري وزارت کي ڪاروباري برادري ۽ لاجسٽڪس ڪمپني?? جي لاءِ عالمي واپاري چرپر جي نظام بابت آگ??هي ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستا?? جي ٻاهرئين ملڪ مقرر آفيسر?? جي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي سرگرمين بابت آگ??هه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ لينڊ پورٽ اٿارٽي ق??ئم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل حصيدارن سانجاري مشاورت بابت آگ??هه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پاڪستا?? جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ کي واپاري چرپر ۽ ٽرانس شپمنٽ جو مرڪز بڻايو وڃي. نگران وزيراعظم پاڪستا?? جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعت?? جي حصي کي موجوده 12 سيڪڙو مان وڌائي ا?? جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم معاشي ترقي ۽ صنعتي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ قومي صنعتي پاليسي جلد کان جلد جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم خساري ۾ رهندڙ قومي ملڪيتي ادار?? جي نجڪاري تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم کي موبائيل فونز جي مقامي تياري جي تازي پاليسي بابت پڻ آگ??هه ڪيو ويو، ملڪ ۾ ايندڙ ٻن سالن ۾ 40 لک هينڊ سيٽ ٺاهي سگهبا جنهن سان درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم کي قيمتي پٿرن ۽ معدنيات جي روانگي واپار کي منظم ڪرڻ جي لاءِ قدم?? جي حوالي سان آگ??هه ڪيو ويو، ان سيڪٽر سان ايندڙ ٻن سالن ۾ 2 ارب ڊالر جو روانگي واپار ممڪن ٿي سگهندو. نگران وزيراعظم جيمسٽو?? جي روانگي واپار جي مڪمل صلاحيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪاريگرن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي لاڳاپيل هنر سيکارڻ جي لاءِ تربيتي پروگرام منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ ملڪ ۾ اي ڪامرس جي فروغ جي لاءِ اليڪٽرانڪ ويئر هائوسنگ جي استعمال تي زور ڏنو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار ۾ صنعتن جي حصي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي ان جي مڪمل صلاحيت تائين آڻڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز