اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪم??ٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ چيف آف آرمي اس??اف جنرل عاصم منير کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي. ان حوالي سان خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. وزيراعظم شهباز شريف به تقريب ۾ شريڪ ٿيو. ان موقعي تي سينيٽ جو چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزير، پارليامينٽ جا ميمبر، سينيئر فوجي ۽ سول آفيسر ۽ سفارتڪار به موجود هئا. صدر عارف علوي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪم??ٽي ۽ چيف آف آرمي اس??اف کي ملڪ ??ي لاءِ ان جي شاندار خدمتن تي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. جنرل شمشاد مرزا 1987ع ۾ انفنٽري بٽالين ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هن ڪمانڊ اينڊ اس??اف ڪاليج ڪو??يٽا ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد م??ن گريجوئيشن ڪئي، هن گرين فيلڊ يونيورسٽي برطانيا مان ايم ايس سي (گلوبل سيڪيورٽي) ڪو??س ۾ به شرڪت ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران جنرل ساحر شمشاد مرزا مختلف ڪمانڊ، اس??اف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي اهم اس??اف مقررين ۾ ٻه انفنٽري برگيئرز جي برگيڊ ميجر، پاڪستان ڪنٽينجينٽ، گڏيل قومن جي مشن، سير اليون ۾ جنرل اس??اف آفيسر گريڊ ون (پلانز)، ڊائريڪٽر ملٽري آپريشنز ۽ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز، وائيس چيف آف جنرل اسٽاف، ايڊجوائنٽنڊ جنرل ۽ جنرل هيڊڪوارٽر ۾ چيف آف جنرل اس??اف شامل آهن. اهڙي طرح جنرل سيد عاصم منير احمد شاهه اپريل 1986ع ۾ 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي هئي ۽ هن 17 هين او ٽي ايس ڪو??س جي اعزازي تلوار حاصل ڪئي، هو فوجي اسڪول جاپان، ڪمانڊ اينڊ اس??اف ڪاليج ڪو??يٽا، ملائيشن آرمڊ فورس ڪمانڊ اينڊ اس??اف ڪاليج ڪو??لالمپور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد م??ن گريجوئيٽ آهي. هن پبلڪ پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ سيڪيورٽي مئنيجمينٽ ۾ ايم فل جي ڊگري به هاصل ڪئي. پنهنجي شاندار فوجي ڪيريئر دوران جنرل عاصم منير مختلف ڪمانڊ، اس??اف ۽ انسٽرڪشنل اسائنمينٽس تي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان جي نمايان اس??اف مقررين ۾ انفينٽري برگيڊ جي برگيڊ ميجر، چيف آف جنرل اس??اف سيڪريٽريٽ ۾ جنرل اس??اف آفيسر گريڊ ٻه، ڊائريڪٽنگ اس??اف ڪمانڊ اينڊ اس??اف ڪاليج ڪو??يٽا ۽ چيف آف اس??اف آف اسٽرائيڪ ڪو?? شامل آهن. جنرل عاصم منير 23 فرنٽيئر فورس ريجمنٽ انفينٽري برگيڊ، فورس ڪمانڊ ناردرن ايرياز ۽ 30 ڪو?? جي ڪمانڊ ڪئي آهي. هو سعودي عرب ۾ پاڪستان جي تربيتي دستي جي قيادت به ڪري چڪو آهي. هن کي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري انٽيليجنس ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس جي حيثيت سان پاڪستان جي ٻنهي اهم انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهي جو منفرد اعزاز به حاصل آهي. چيف آف آرمي اس??اف جي ترقي ۽ مقرري کان اڳ هو پاڪستان آرمي جي ڪو??رٽر ماسٽر جنرل هو، جنرل عاصم منير کي جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي 29 نومبر 2022ع تي چيف آف آرمي اس??اف مقرر ڪيو ويو.
صدر پاران چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير کي نشان امتياز (ملٽري) عطا
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز