اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بالي انڊونيشيا ۾ پنهنجي انڊونيشيائي هم منصب مسوڊي رينٽو سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير بالي ۾ ٻن گهڻ رخي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ 15 ه??ن بالي ڊيموڪريسي فورم ۽ افغان عورتن جي تعليم ??ي عالمي ڪانفرنس شامل آه??. ب??اول ڀٽو زرداري 15 ه??ن بالي ڊيموڪريسي فورم ۾ جمهوري قدرن جي پاڪستان جي عزم ۽ جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوريت جي اهميت کي اجاگر ڪ??دو. هو افغان عورتن جي تعليم ??ي عالمي ڪانفرنس ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بشمول معاشري جي سمورن طبقن جي لاءِ تعليم ??ائ??ن برابر پهچ جي اهميت کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويو??ن بالاڪرشنن سان ملاقات ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير جي انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ان اعليٰ ترجيح جو عڪاس آهي جيڪو پاڪستان آسيان ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو ٻنهي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪ??و.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اربع کان انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria