اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آڙمي چيف سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بهادر پاڪ فوج جي سپهه سالار جو عهدو سنڀالڻ وڏو ا??زاز آهي، پاڪ فوج کي توهان جهڙو پيشيواراڻي قابليت رکندڙ سربراهه ملڻ الله تعاليٰ ??و خاص فضل آهي. وزيراعظم چيو ته پورو يقين آهي ته توهان جي قيادت ۾ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ ملڪ جي دفاع جي قوت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي سميت سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ الله تعاليٰ ??وهان جي مدد ۽ رهن??ائ?? فر??ائ??. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ اس??ن جو ڀرپور تعاون توهان کي ميسر هوند??. آ??مي چيف جنرل سيد عاصم منير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي ٽيليفون، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی