اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر اين ايف آر سي سي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صورتحال جو ??ائ??و وٺڻ لاءِ اهم اج??اس منعقد ٿيو. اج??اس ۾ فورم کي تازي صورتحال ۽ ٻوڏ سبب انسا??ي جانين، چوپائي مال ۽ انفراسٽرڪچر تي پوندڙ اثرن بابت تفصلي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل ڪوآرڊينيٽر فورم کي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي پنهنجي تازي دوري ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي فضائي ??ائ??ي سميت اهم معاملن بابت آگاهه ڪيو. فورم ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته تازي ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان ماضي جي قدرتي آفتن جي نقصانن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهن. تازين برساتن سبب سنڌ، بلوچستان، پنجاب جا علائقا شديد متاثر ٿيا. فورم کي ٻڌايو ويو ته 33 ملين ماڻهو متاثر آهن جن ۾ 16 ملين ٻار شامل آهن، سندن زندگي بچائڻ لاءِ فوري مدد جي شديد ضرورت آهي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب 1500 ماڻهو اج?? جو شڪار ٿيا جن ۾ 500 کان وڌيڪ ٻار پڻ شامل آهن. فورم کي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته متاثر ماڻهن جي کاڌي تي پڻ ??اص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ??اص طور تي ٻارن جي خوراڪ ۽ ڳورهارين عورتن لاءِ سپليمنٽري خوراڪ ڇو جو غذائيت جي کوٽ سبب صحت جي مسئلن جو خطرو آهي. فورم کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي سبب پيدا ٿيل بيماريون ڦهلجڻ جو وڏو خطرو آهي. فورم هدايت ڏني ته بيماريون ڦهلجڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻا پوندا. فورم جنگي بنيادن تي گڏيل سروي ڪرن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن نقصان جو واضح اندازو لڳائي سگهجي ۽ سياري جي شروعات کان اڳ قدمن کي يقيني بڻائي سگهجي. فورم هنگامي بنيادن تي انفراسٽرڪچر جي بحالي جي منصوبي جو پڻ جامع ??ائ??و ورتو.
اين ايف آر سي سي جو سياري جي شروعات کان اڳ قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ جنگي بنيادن تي گڏيل سروي جي صرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری