اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) ملڪ ۾ 30 جون کان سانوڻي جي برساتن جي سلسلي جو امڪ??ن آهي جنهن جي ڪري نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي لاڳاپيل (اين ڊي ايم اي) ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي جي تازه ترين پڌرائي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خميس 30 جون کان اڱاري 5 جولاءِ دوران طوفان، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪ??ن آهي. موسميات کاتي موجب برساتن جي ان تيز سلسلي جي ڪري 2 کان 4 ج??لاءِ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ 3 کان 5 جولاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نشيبي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪ??ن آهي جڏهن ته ڪشمير، گليات، مري لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ان ص??رت??ال جي ڏس ۾ سمورين وفاقي، صوبائي وزارتن، انهن جي ماتحت لاڳاپيل ادارن بشمول صوبائي، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي من??ن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي کي تيار رکڻ سان گڏ هيٺين علائقن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ته جئين موسم جي ڪري ٻوڏ واري پاڻي کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف ويندڙ عوام کي غير ضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيو اهو ته هيٺين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهن ۽ ڪنهن به قسم جي هنگامي ص??رت??ال بابت ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي آگاهه ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن طرف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪاني برساتن ۽ رستن جي تازه ترين ص??رت??ال کان باخبر رکن.
ملڪ ۾ 30 جون کان سانوڻي جي برساتن جي سلسلي جو امڪان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب