اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ??يو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن ج??هن جو دنيا ڀرپور ا??تراف ڪري ٿي، پاڪستان جي هٿياربند فوج امن، داخلي ۽ خارجي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي ضامن آهي، عالمي امن ڪوششن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪري رهي آهي. هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس 2021 / 2022 ۾ شرڪت ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪاميابين ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي ??يو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون بي م??ال آهن ج??هن جو سڄي دنيا ڀرپور ا??تراف ڪري ٿي. هٿياربند فوج قدرتي آفتن دوران قوم جي خدمت ۾ سدائين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ??يو ته پاڪستان جي هٿياربند انتهائي اهم رياستي ادارو آهي ۽ قوم جو فخر آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته ملڪ جو دفاع مقدس آهي، پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ سالميت کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم ??يو ته اسان جي آزادي هيروز ۽ شهيدن جي عظيم قربانين جي م??هون منت آهي.
دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena