اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ايوان جي ??عظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي، اسان کي هڪ اهڙو سياسي معاشرو قائم ڪرڻ جي ??رورت آهي جتي مڪالمي کي فروغ ڏنو وڃي، نفرت کي نه، سمورن ادارن کي پنهنجي ??ائري اختيار ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي ??هدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته هو قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر جي ??اوقار عهدي تي فائز ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهي، ان عهدي تي بنا مقابلي چونڊجڻ تي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قائد ايوان ميان محمد شهباز شريف ۽ ٻين سمورن پارلياماني اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا دل سان ٿورا مڃان ٿو، وطن عزيز پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي جي ??ال ۾ بطور اسپيڪر منهنجي چونڊ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي. هن چيو ته هن معزز ايوان جي ??عظيم ۽ توقير ۾ اضافو منهنجي ??ولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي ۽ بطور ڪسٽوڊين آف هائوس ميمبرن جي ??قن جي ??حفظ کي يقيني بڻائڻ جي ??ولين ذميوارين ۾ شامل آهي. جنهن منصب جي لاءِ هن معزز ايوان منهنجي ??نا مقابلي چونڊ ڪئي آهي ان منصب تي سڀ کان اڳ قائداعظم محمد علي جناح کي بنا مقابلي پنهنجو پهريون سربراهه چونڊيو هو، هي ايوان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪسٽوڊين آف هائوس طور چونڊ ڪري چڪو آهي، قائداعظم جو خطاب جتي پاڪستان جو پهريون سرڪاري ۽ قومي آئيني بيانيو آهي، اتي رياستي ڍانچي ۾ مقننه جي مرڪزي ڪردار تي پڻ مهر هڻي ٿو. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته بطور اسپيڪر منهنجي پهرين ذميواري هن ايوان جي ??ودمختياري ۽ ان کي مليل اختيارن جو تحفظ هوندو. منهنجي ناقص راءِ ۾ آئين تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ملڪ ۽ عوام کي درپيش اهم مسئلن جو فيصلو هن ايوان ۾ ٿيندو. پاڪستان جي ??ئين جي ??ق 91 جي ??يلي شق 6 جي ??قيقي روح کي سامهون رکندي سموري وفاقي ڪابينا رڳو هن معزز ايوان کي جوابده هجي ڪنهن فرد واحد کي نه هجي. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته جڏهن حڪومت وقت عوام جي ??نهن چونڊل نمائندن جي ??اءِ کي مٿانهون ڄاڻي ۽ پنهنجون پاليسيون پوري ديانتداري سان هن هائوس ۽ ان سان واڳيل ڪميٽين آڏ?? رکي.
ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : ریل رش