اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غير ملڪ?? سيڙپڪارن کي ملڪ جي آءِ سي ٽ?? سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي ۾ حڪومت پاران فراهم ڪيل مراعتن جي ??يش نظر ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، پاڪستان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ لاءِ آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت ۽ مهارت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر اهي ڳالهيون ايوان صدر ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪين کي آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيون. وزيراع??م جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دئود، وزيراع??م ج?? سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، اي ڪامرس بابت خاص مددگار سينيٽر عون عباس بپي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ج?? سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، آمريڪا جي ??اءِ نامزد سفير سردار مسعود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي ??مائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سيليڪون ويلي ۾ مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان نيشنل سيمي ڪنڊڪٽر پلان (PNSP) جي ترقي تي اڳڀرائي جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيمي ڪنڊڪٽرز جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت لاءِ قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جي ??ڏي گنجائش ۽ امڪان آهن، شرڪت ڪندڙن کي اليڪٽرڪ گاڏين جون بيٽريون ٺاهڻ جا منصوبا، آئوٽ سورس?? سيمي ڪنڊڪٽر اسيمبلي ٽيسٽ (OSAT) جي ??يام ۽ لاڳاپيل صنعتن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته آءِ ٽي جي صنعت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي ??اءِ آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي انساني وسيلن جي تربيت ۽ مهارت جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وينچر ڪيپٽل ۽ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊز کي متوجهه ڪرڻ جي ??اءِ اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور به ڏنو جنهن سان ملڪ جي اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن لاڳاپيل حصيدارن تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي ڪمپنيون قائم ڪرڻ جا خواهشمند سيليڪون ويلي آمريڪا جي ??اڪستاني ڄائي آءِ ٽي ماهرن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. صدر آمريڪا ۾ رهندڙ آءِ ٽي ماهرن کي ملڪ جي آءِ سي ٽ?? سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي.
صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ لاءِ آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي تربيت ۽ مهارت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری