اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ??واد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري ??رويز الاهي ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان پا??ان لاهور جي دوري دوران چوڌري شجاعت حسين جي صحت معلوم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻ??هي اڳواڻن جي وچ ۾ پيڪا قانون سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چوڌري ??رويز الاهي اطلاعات واري وفاقي وزير کي پيڪا قانون تي ميڊيا پا??ٽيز جي خدشن کان آگاهه ڪيو. چوڌري ??واد حسين چيو ته پنجاب جو اسپيڪر پيڪا قانون تي ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. چوڌري ??واد حسين چيو ته اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت تنقيد جي آجيان ڪري ??ي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذات تي حملو ڪرڻ قطعي طور تي صحيح نه آهي. چوڌري ??واد حسين چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جا ميڊيا ڌرين سان جيڪي به معاملا طئي ٿيندا حڪومت انهن تي عملدرآمد ڪندي.
وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں